درسادوتي درياهه

درسادوتي درياهه (Dirsadvati River): هيءُ قديم دؤر ۾ هڪ مشهور درياهه هو، جيڪو هندستان جي علم ارضيءَ جي ماهرن ’امل ڪر‘ (Amel Ker) ۽ ’بملا گھوش‘ (Bimla Ghosh) لاڳيتن کوجنائن ذريعي لڌو آهي. هي درياهه نهند جڳاڌري (Nahand Jagadhri) جي ويجھو سهارنپور جي اتر کان سواليڪ (Swalik) ٽڪرين مان نڪري راجستان جي رڻ مان نڪري ضلعي سانگھڙ ۾ منڍ- جمڙائو وٽ مختلف هنڌن تي هاڪڙي درياهه سان ملندو هو. هن درياهه جي وهڪري سبب خيرپور ضلعي ۾ 2000 کن ڍنڍون وجود ۾ آيون ۽ ان کانسواءِ سانگھڙ ضلعي ۾ به ڪيتريون ڍنڍون ٺهيون. مکي فرش ڍنڍ جي ڍنڍن وارو سلسلو پڻ شامل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو